چنا، نذير احمد

چنا، نذير احمد

نذير احمد چنا

نذير احمد چنا: اديب، سياسي ڪارڪن ۽ اڳوڻو پي. ٽي. وي نيوز پروڊيوسر نذير احمد چنا، جوهيءَ ۾، 8 نومبر 1945ع تي، پهرين ربيع الاول (ڏياريءَ جي ڏينهن) تي پيدا ٿيو، جتي سندس والد عبدالقيوم چنا مختيارڪار هو. سندس والده جو نالو امرالنساء چنا آهي، جيڪا پڻ جوهيءَ ۾، اسڪول ٽيچر رهي هئي. اصل ۾ سندس ڳوٺ پاٽ شريف آهي. هن سکر جي سينٽ ميريز اسڪول ۾، 1954ع ۾ فادر ڪرسٽافر ۽ سسٽر ڊورٿي جي نظرداريءَ هيٺ انگريزي شاعريءَ ۾ نالو ڪمايو. هن 1959ع ۾ مئٽرڪ، شيردل ميونسپل اسڪول ڪوٽڙيءَ مان ڪئي، 1963ع ۾ بي. ڪام سنڌ ڪاليج آف ڪامرس حيدرآباد مان، ۽ ايل. ايل. بي 1965ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪري دنيا، جو ننڍي ۾ ننڍو مئٽرڪ ۽ ايل. ايل. بي پاس ثابت ٿيو. 1962ع ۾ حيدرآباد ۾ شريف ڪميشن رپورٽ خلاف ٻين دوستن: نثار خواجه، يونس شرر، جلال وغيره سان گڏجي بک هڙتال ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ونيونٽ خلاف ’بوٽ پالش تحريڪ‘ پنهنجي ڀاءُ شهيد مشتاق چنا، مشتاق قريشي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي شروع ڪيائين، جنهن ۾ مشهور اديب ناصر مورائي، شمشير الحيدري، نسيم واسطي، طاهر رضوي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. هن لاهور، ڪراچي، ملتان، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ٻين هنڌن تي ونيونٽ خلاف تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون. محترمه فاطمه جناح جي صدارتي چونڊ دوران شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مير رسول بخش ٽالپر سان گڏجي ڪم ڪيائين. نذير چنا، فيض احمد فيض، احمد فراز، ميجر اسحاق، سي. آر. اسلم، جون ايليا، جي. ايم. سيد، رئيس امروهوي، پير حسام الدين راشدي، معراج محمد خان، حسين نقوي، شهيد فاضل راهو، حفيظ قريشي (سينيئر)، محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، ڪامريڊ پوهو مل، پروفيسر جمال نقوي، پروفيسر نصير، مرزا عابد عباس، ڪامريڊ مشتاق ميمڻ ۽ مولانا ڀاشانيءَ سان گڏ سوشلسٽ ۽ قومي تحريڪن ۾ ڪم ڪيو. هو شهيد مقبول بٽ جو ساٿي رهيو ۽ ايران جا ٽي ڀيرا دورا ڪيائين. 1973ع کان 1981ع تائين پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي پهريون سنڌي نيوز پروڊيوسر ٿي رهيو ۽ 1981ع ۾ پشاور سينٽر تان ضياء الحق جي فوجي آمريت خلاف احتجاج طور ٽي. ويءَ جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين. هن جي گهر نرسري ڪراچيءَ ۾ سنڌ پيپلز الائينس جون ڪيتريون ميٽنگون ٿيون، جن ۾ حاڪم علي زرداري، رضا رباني، مولابخش چانڊيو، اسماعيل اڍيجو، ارباب کهاوڙ، ڄام ساقي، مير ٿيٻو، ڪامريڊ عارب ۽ ٻيا سنڌي اڳواڻ گڏ ٿيا. هن وقت نذير چنا صوفي تحريڪ ۾ سرگرم آهي. هن حضرت بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جي ديوان جو انگريزي ترجمو 2004ع ۾ شايع ڪرايو آهي. ان کانسواءِ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام (مرتب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو) ۽ آپا شمس عباسيءَ جي آتم ڪٿا جو به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي. کيس هڪ پٽ غلام عباس چنا آهي، جيڪو ثقافت کاتي ۾ ملازم آهي. نذير چنا ٽي شاديون ڪيون، جيڪي ناڪام ويون. هاڻي هو اڪيلو آهي ۽ پنهنجي گهر ڪوٽڙي، ڳاڙهن جي پِڙ توڙي ڪراچي گلشن حديد ۾ پٽ وٽ رهي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ مشتاق چنا، ونيونٽ خلاف بوٽ پالش تحريڪ جو اڳواڻ هو، سو 16 ڊسمبر 1974ع ۾ ڪراچيءَ ۾ شهيد ٿيو. هو پي. آءِ. اي ۾ پهريون سنڌي فلائيٽ پرسر هو. نذير چنا کي ڪتابن ۽ شاعريءَ سان سندس گهرو شغف آهي. چيخوف، پشڪن، ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، فلابرڊ گستائو، شاهه لطيف، سچل سرمست، مير تقي مير، شيڪسپيئر جو اڀياسي آهي. سندس وصيت آهي ته مرڻ کانپوءِ کيس بغداد شريف ۾ منصور حلاج جي قبر جي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو وڃي. هن وقت عالمي امن جي ڦهلاءَ جي سلسلي ۾ تصوف جي حوالي سان سرگرم آهي ۽ ’منصور حلاج فائونڊيشن‘ جي بينر هيٺ ڪيترا سيمينار ۽ ليڪچر ڪراچيءَ ۾ ڪري چڪو آهي. هن کي ٿر سان تمام گهڻو پيار آهي، ڇو ته هو ننگرپارڪر، مٺي، ڇاڇري ۽ ڏيپلي ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏ رهيو آهي ۽ سندس استاد موهن لال پاڪستاني پڻ ننگرپارڪر جو هو. ان کانسواءِ نجيب الله صديقي، سائين بشير قريشي، وارث صاحب، سيف الدين صديقي، مختيار صديقي، پروفيسر قوي احمد، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم، جسٽس صفدر شاهه سندس استاد رهيا آهن. کيس سندس والد جي نوڪر مرحوم رمضان پنهور پاليو هو، جيڪو دادوءَ جي نوڙڪي پنهور ڳوٺ جو هو. ان کانسواءِ سندس ماسات، آپا نظير چنا پڻ سنڀال ڪئي ۽ کيس قرآن شريف پڙهايائين، جوهيءَ ۾ مائي رامي ٻائي سندس نرس هئي، ۽ مائي کنڊل جتياڻي پڻ سندس خدمت ڪئي، جن کي هي هميشه ياد ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.08  عيسوي

اديب، سياسي ڪارڪن ۽ اڳوڻو پي. ٽي. وي نيوز پروڊيوسر نذير احمد چنا، جوهيءَ ۾، 8 نومبر 1945ع تي، پهرين ربيع الاول (ڏياريءَ جي ڏينهن) تي پيدا ٿيو،



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين مگسي
اويس ڀٽو
ايوب عمراڻي
قاضي خادم حسين
غلام حسين رنگريز
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
حجاب امتياز علي
روپ ڪمار گھايل
ڪيرت ٻاٻاڻي
شاهه محمد گاڏهي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون